آر بي او ڊي بابت رهنمائيءَ لاءِ سنڌ جو نقشو

آر بي او ڊي بابت رهنمائيءَ لاءِ سنڌ جو نقشو

آر بي او ڊي

آر. بي. او. ڊي: رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (Right Bank Out Fall Drain) سنڌوءَ جي ساڄي پاسي کان ٺهندڙ 273 ڪلوميٽر ڊيگهه تي مشتمل اهڙو نالو (drain) آهي، جنهن جو مقصد پنجاب، اتر سنڌ ۽ بلوچستان جي سِمن جو زهريلو ۽ گدلو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ آهي. سنڌو درياهه سان متوازي رخ ۾ ساڄي پاسي تي ٽن مرحلن ۾ ٺهندڙ هيءَ رٿا بلوچستان جي هيرادين واري علائقي مان شروع ٿئي ٿي. اها سنڌونديءَ جي کاٻي پاسي تي جوڙيل ليفٽ بئنڪ آئوٽ ڊرين (LBOD) وانگر ئي هڪ سم نالو آهي.
آر. بي. او. ڊي اصل ۾ اهوئي وهڪرو آهي، جيڪو اڳي سنڌ ۽ بلوچستان جي جبلن تان لهندڙ برساتي ندين جو پاڻي وهائي حمل ۽ منڇر ڍنڍن ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اهو لنگهه اصل ۾ حمل کان وٺي منڇر تائين الهندي ناري جو پيٽ هو. ائين ايم. اين. وي ڊرين (مين نارا ويلي ڊرين )سنڌو واري آبپاشي نظام کي اولهه وارين جابلو ندين جي تيز برساتي وهڪرن کان بچائڻ جي هڪ ٻنڌ هئي، پر هن رٿا مٺي پاڻي جي قدرتي وهڪري کي روڪي هڪ وڏي سم نالي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. 1993ع ڌاري کان ان کاري پاڻيءَ سنڌ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ شروع ڪيو. نتيجي ۾ سڄي منڇر گدلي ۽ کاري پاڻيءَ سبب تباهه ٿي وئي. هن کان اڳ منڇر جي پاڻي سان ڀرپاسي جون زمينون آباد ٿينديون هيون ۽ 200 قسمن جون مڇيون ۽ پاڻيءَ جي ٻي جيوت هوندي هئي، اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. منڇر تيزيءَ سان زوال پذير ٿي وئي.
مين نارا ويلي ڊرين جي ذريعي روزانو گهٽ ۾ گهٽ 650 ڪيوسڪ پاڻي ۽ وڌ ۾ وڌ 1800 ڪيوسڪ پاڻي منڇر ۾ داخل ٿي رهيو آهي. پاڻي جي نيڪال جو في الحال واحد ذريعو اڙل واهه آهي، جنهن جي ذريعي منڇر جو پاڻي سنڌوءَ ڏانهن نيڪال ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري خود سنڌو جو پاڻي به انساني استعمال لاءِ هاڃيڪار ٿي رهيو آهي. ان صورتحال کي سڌارڻ لاءِ آربي او ڊي رٿا جي سمورن مرحلن کي جلد مڪمل ڪرڻ ضروري سمجهيو پيو وڃي. هن رٿا جي ذريعي ايم. اين. وي. ڊرين کي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ ڪرمپور وٽ نئين کوٽيل نالي ۾ ڇوڙ ڪرايو ويندو ۽ اتان کان سنڌو درياهه سان ذري گهٽ پور وڇوٽ رخ تي سم نالو کوٽيو پيو وڃي، جيڪو اڳتي هلي گهارو ڪريڪ وٽ درياهه ڇوڙ ڪندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو